پير حاجي اسماعيل

پير حاجي اسماعيل: ضلعي دادوءَ جي پاٽ شهر جي اوڀر ۾ پراڻن دڙن تي، پاٽ پراڻيءَ جي قديم قبرستان ۾ پير حاجي اسماعيل جي مشهور درگاهه آهي. مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي. جيڪو وقت به وقت مرمت ٿيڻ ڪري مقبري جي قدامت بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. هن درگاهه تي ديني جلسو ٿيندو آهي، جتي عالم سڳورا واعظ ڪرڻ فرمائيندا آهن. ان کان علاوه مولودن جي مجلس به ٿيندي آهي. حاجي اسماعيل 7 هجري/13 عيسوي صديءَ جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ جي نالي سان پاٽ ۾ هڪ ڍنڍ پڻ آهي، جا ضلعي دادوءَ ۾ پراڻي بچاءَ بند ۽ نئين بچاءَ بند جي وچ تي آهي. پير حاجي اسماعيل جي ڏکڻ ۾ پير ناصر شاهه جي درگاهه آهي. پير اسماعيل پنهور لاءِ مشهور آهي ته قلندر لال وٽس ڪچهريءَ لاءِ ايندو هو.
پير حاجي اسماعيل پنهور جو مقبرو ۽ قبرستان 26057'32" ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67052'55" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي دادو تعلقي جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ موجود آهي. مقبرو پاٽ شهر جي اوڀر- اتر ۾ آهي جتان سيتا وليج لاءِ ديهه روڊ نڪري ٿو. پاٽ جا اهي دڙا جن تي مقبرو اڏيل آهي، اهي قديم آثارن ۾ شمار ٿين ٿا. اتي ڪجهه ڪچا گهر به اڏيل هئا، پر گهڻي سم ۽ ڪلر سبب ڊهي پيا آهن، جن جا نشان موجود آهن هي قبرستان مقبري سميت ٻن ايڪڙن تي ڦهليل آهي ۽ قبرستان لاءِ اندازو آهي ته اهو ستين صدي هجري ڌاري جو آهي.


لفظ پير حاجي اسماعيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو